تازہ ترین

جيل ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو

صوبائي وزير علي حسن زرداري ٻارن واري وارڊ جو به سرپرائيز دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيل ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو ڪري  مرد توڙي عورت قيدين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا آهن.

صوبائي وزير علي حسن زرداري ٻارن واري وارڊ جو به سرپرائيز دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.

دوري دوران علي حسن زرداري جيل جي رڌڻي جو معائنو ڪيو ۽ قيدين لاءِ تيار ٿيندڙ کاڌو چکيو.

صوبائي وزير جيل اندر اسپتال جو به دورو ڪري مريض قيدين جي عيادت ڪئي ۽ کانئن علاج جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي .

صوبائي وزير علي حسن زرداري سينٽرل جيل ۾ قائم وومين جيل ۾ قيد عورتن سان ملاقات ڪئي ۽ کانئن تفصيلي مسئلا پڇيا.

ان موقعي تي جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت جيلن کي سڌارا گهر ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.

علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته پارٽي قيادت جي هدايت ۽ پارٽي منشور تي عمل ڪندي عوام جي خدمت ڪيون پيا ۽ ڪندا رهنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.