ڳوٺ سکيو ملڪ ۾ ڪارروائي دوران نينگر سميت 7 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو: سنڌ پوليس
شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ويجھو شاھه ٻيلي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 7 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو.
ڳوٺ سکيو ملڪ ۾ ڪارروائي دوران نينگر سميت 7 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو.
پوليس جو چوڻ آھي ته عزيز، نور محمد، فرمان، شفيع محمد، احسان، عبدالمجيد سميت نينگر کي بازياب ڪرايو آھي.
پوليس عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي تباھه ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو آھي.