ڇهه ۽ ست مئي جي رات ڀارتي اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ نيوي مڪل تيار هئي: وائي ايڊمرل ربنواز
راولپنڊين (نيشنل ڊيسڪ) سامونڊي فوج جي وائيس ايڊمرل ربنواز چيو آهي ته ڇڪتاڻ دوران پاڪ نيوي ڀارتي نيوي جي سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکيون آئي.
ڇهه ۽ ست مئي جي وچ واري رات ڀارتي اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ نيوي به مڪمل طرح سان تيار هئي.
هن چيو ته پاڪ نيوي بندرگاهن کي آپريشنل رکيو، سامونڊي حدن کان ڀارتي جهاز 4سئو ناٽيڪل ميل پري هو.
سامونڊي فوج جي وائيس ايڊمرل ربنواز وڌيڪ چيو ته پاڪ نيوي جي تياري ڏسي دشمن کي اڳتي وڌڻ جي همٿ نه ٿي.