تازہ ترین

جنگبنديءَ جي درخواست پاڪستان نه پر ڀارت ڪئي، اسان وٽ ڪو ڀارتي پائليٽ ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

الحمد الله پاڪ فوج ڪيل واعدو پورو ڪيو، ڀارت اڳرائي ڪري بيگناهه پاڪستانين جو رت وهايو: پريس ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڪو به ڀارتي پائليٽ پاڪستان جي حراست ۾ ناهي، جنگبندي جي خواهش جو اظهار ڀارت طرفان ڪيو ويو هو.

پاڪ فوج جي ترجمان لفٽينينٽ جنرل احمد شريف چوڌريءَ  پاڪستاني ايئر فورس جي چيف ۽ نيول چيف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ڪنٽرول لائين تي جنگبندي جي واعدي تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي پر دشمن ڀڃڪڙي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

هن چيو ته الحمد الله پاڪ فوج قوم سان ڪيل واعدو پورو ڪيو، ڀارت اڳرائي ڪري بيگناهه پاڪستانين جو رت وهايو.

احمد شريف چوڌري چيو ته  جواب ۾ پاڪستان ڀارت خلاف آپريشن ”بنيان مرصوص“ شروع ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان آپريشن بينان مرصوص ۾ ڀارت جي 26 ملٽري ٽارگيٽس کي نشانو بڻايو، انهن هنڌن تان پاڪستاني عوام تي حملا ڪيا ويا هئا.

اُڙي نيٽ ورڪس اسٽيشن ۽ پونڇ راڊار کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، سورت گڙهه، سرسه، آدم پور، اونتي پورا، اوڌم پور ۽ پٺاڻ ڪوٽ ۾ به ٽارگيٽس کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ٻن هنڌن تي ڀارت جي ايئر ڊفينس سسٽم، ايس 400 بيٽري سسٽم کي نشانو بڻايو ويو.

پاڪستان ڀارتي علائقي بياس ۽ نگروٽا ۾ براهموس ميزائلن جي اڏي تي حملو ڪيو، ڀرپور سائبر حملن ۾ ڀارتي فوج جي استعمال هيٺ سسٽم کي مفلوج بڻايو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.