تازہ ترین

بچاءَ واري وزير خواجا آصف شعر ذريعي دشمن کي اهم پيغام

پاڪستان جي بقا جي لاءِ ڀارت کي جواب ڏيڻ انتهائي ضروري هو: بچاءَ وارو وفاقي وزير

سيالڪوٽ (نيشنل ڊيسڪ) ”وه جو قرض رکتي ٿهي جان پر، وه حساب آج چڪا ديا“ بچاءَ واري وزير خواجا آصف شعر ذريعي دشمن کي اهم پيغام ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي خواجا آصف ٽوئيٽ ڪندي شعر ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو.

بچاءَ واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي بقا جي لاءِ ڀارت کي جواب ڏيڻ انتهائي ضروري هو، ڀارت کي جواب ملڻ کان پوءِ ان جو ٺاهه طرف اچڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويو آهي.

خواجه آصف چيو ته ڀارت معاملي کي اينگھائيندو ته ان سان سندس وڌيڪ نقصان ٿيندو، اڳئين ليول جي لاءِ به کيس تيار رهڻو آهي.

بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف وڌيڪ چيو ته وڏي جنگ ٿي ته پوءِ اها هن خطي تائين محدود نه رهندي، ان باوجود ايٽمي جنگ جو ڪو به امڪان ناهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.