تازہ ترین

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ناروي جي پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو: پرڏيهي ترجمان

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي شهرن تي ڀارتي حملن کان کيس آگاهه ڪيو

اسلام آباد (نيشل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ناروي جي پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو.

پرڏيهي ترجمان جي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ترجمان جو چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان جي شهرن تي ڀارتي حملن کان کيس آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت جي ڪري علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي، حڪومت، ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ پرعزم آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب ناروي جي پرڏيهي وزير هلندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ناروي جي پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان ڪيل صبر جي مظاهري جي واکاڻ ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.