تازہ ترین

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀارتي اڳراين، جنگي جنوني نريندر مودي خلاف نعريبازي

ڪنري، مٺي، سيوهڻ، ڪنڌڪوٽ، ڏهرڪي، قبو سعيد خان، ڍورو نارو، مٺياڻي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀارتي جارحيت، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف نعريبازي.

ڪنري ۾ هندو برادري جي ريلي، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا.

مٺي ۾ تعليم کاتي ٿرپارڪر پاران ڀارتي جارحيت خلاف ريلي، تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ سوين شاگردن جي شرڪت.

سيوھڻ ۾ پوليس سول سوسائٽي ۽ نوجوانن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۽ ھندستان خلاف جھاز چوڪ کان پريس تائين موٽر سائيڪل ريلي.

ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي ۽ شھري اتحاد ڪاميٽي طرفان پاڪستان زنده آباد، پاڪ آرمي زندہ آباد ريلي.

ڀارتي جارحيت خلاف تعلقي بار ايسوسئيشن ڏهرڪي طرفان عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، احتجاج.

قبو سعيد خان ۾ شعيا علماءَ ڪائونسل طرفان ڀارتي فوج جي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي.

ڍورونارو ۾ پرائمري استادن ۽ شاگردن پاران پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ ڀارتي جارحيت خلاف پريس ڪلب کان گرھوڙي بس اسٽينڊ تائين ريلي.

مٺياڻي ۾ اسڪولي شاگردن طرفان پاڪ فوج جي حق ۾ مظاهرو، اڳواڻن جو چوڻ هوته پاڪ فوج دشمن جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪي دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي، پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.