تازہ ترین

پاڪستان ڀارتي پنجاب جي ڪنهن به شهري علائقي ۾ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي: اسحاق ڊار

هڪ ذميوار ملڪ طور پاڪستان هرممڪن اسٽريٽجڪ احتياط جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پنجاب جي ڪنهن به شهري علائقي ۾ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي.

هڪ ذميوار ملڪ طور پاڪستان هرممڪن اسٽريٽجڪ احتياط جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو پنهنجي طئي ڪيل وقت ۽ مقام تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي ڊرونز لاهور ۾ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڀارت ڪو ايڊونچر ڪيو ته اسان جي فوج الرٽ آهي، پاڪستاني عوام کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، هٿياربند فوج ملڪي دفاع لاءِ پرعزم آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.