تازہ ترین

عالمي قانونن تحت پاڪستان کي ڀارتي اڳراين جو جواب ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

هي 2 طرفو نه عالمي مئسلو، عالمي برادريءَ کي 2 ايٽمي طاقتن ۾ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻي پوندي: الجزيره ٽي وي کي انٽرويو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خودمختياري خلاف چڙڏياريندڙ قدم کنيا ان ڪري عالمي قانونن تحت پاڪستان کي ڀارتي اڳراين جو جواب ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي.

الجزيره ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته هي 2 طرفو نه عالمي مئسلو آهي، عالمي برادريءَ 2 ايٽمي طاقتن وچ ۾ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻي پوندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي قدمن جي لاءِ جوابده ڪرڻ گھرجي ته جيئن ڀارت هوش کان ڪم وٺي، غيرجانبدار جاچ سان اسان اهڙو مڪينزم جوڙن چاهيون ٿا جو مستقبل ۾ اهڙا دهشتگرد حملا روڪي سگھجن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي قانون تحت پاڪستان کي ڀارتي اڳراين جو جواب ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي، ڀارت پاڪستان جي خودمختياريءَ خلاف چڙڏياريندڙ قدم کنيا آهن، ڀارت پاڪستاني شهرين جي قتل عام کي لڪائڻ لاءِ دهشتگرد ڪئمپن جو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو سوال ڪندي چيو ته جي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪئمپون آهن ته ڀارت بين الاقوامي جاچ جي پاڪستاني مطالبي کي ڇو رد ڪيو؟ ڀارت شهري آبادي، شهري هنڌن ۽ ڊيمن کي نشانو بڻايو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.