تازہ ترین

صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڀارتي اڳرائي جي سخت لفظن ۾ مذمت

ڀارت شهري علائقن کي نشانو بڻائي عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي: صدر/وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڀارتي اڳرائي جي سخت لفظن ۾ مذمت.

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت پاران شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ بناجواز ڀارتي حملو عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي.

ڀارت جا بزدلاڻا قدم فاشسٽ حڪومت جو حقيقي چهرو وائکو ڪن ٿا، ڀارتي حڪومت پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ علائقائي امن ۽ سلامتي داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي.

صدر آصف علي زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿياربند فوج وطن جي هڪ هڪ انچ جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دشمن کي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، قوم ۽ پاڪ فوج پاڪستان جي دشمن کي منهن ڏيڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿي.

وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان طرفان ڀارت جي بزدلاڻي حملي جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو پيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.