تازہ ترین

شهيد صحافي جان محمد مهر جو مُک قاتل کي انجام تي پهچايو ويو: ضياءُ الحسن لنجار

باگڙجي ڏکيو علائقو، جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ وڏي وقت کان ريڪي هلندڙ هئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته شهيد صحافي  جان محمد مهر جو مُک قاتل پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.

هن چيو ته پوليس شهيد جان محمد مهر جي قاتل کي انجام تائين پهچايو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار چيو ته باگڙجي علائقو ڏکيو آهي، شهيد جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ وڏي وقت کان ريڪي هلندڙ هئي.

هن چيو ته جوابدار شيرو مهر سان مقابلي دوران ٻيا به ڌاڙيل ماريا ويا آهن، ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. جن جِي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي،

ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پڪ سان چوان ٿو ته شيرو مهر پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، تمام جلد ميڊيڪل رپورٽ به ملي ويندي.

ضياءَ لنجار چيو ته منهنجي گهرو وزير بڻجڻ کان اڳ 70 کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال هئا، هن وقت صرف ٽي ماڻهو ڌاڙيلن  وٽ يرغمال آهن، جن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.