تازہ ترین

پاڪستان جو پهلگام واقعي سان ڪو به تعلق نه آهي، جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

ناانصافي ۽ ظلم تي عالمي خاموشي شرمناڪ، پاڪستاني سلامتي ۽ وقار کي ڇيهو رسائڻ نه ڏبو: قومي اسيمبلي ۾ خطاب

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو پهلگام واقعي سان ڪو به تعلق نه آهي، جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

ناانصافي ۽ ظلم تي عالمي خاموشي شرمناڪ آهي، پاڪستان جي سلامتي ۽ وقار کي ڇيهو رسائڻ نه ڏينداسين.

بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث ناهي، ڀارت جي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي پاڪستان کي سزا نه پر انسانيت خلاف ڏوهه آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان، دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڏنا آهن.

سندس چوڻ هو ته پهلگام واقعو ٿيندي ئي ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪيا، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار ٿيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم ڏکين حالتن ۾ خوفزده ناهي ٿيندي، ڪشمير ڀارت جو حصو ناهي، ڪشميرين تي ظلم ٿي رهيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.