تازہ ترین

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جون صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم سان ڌار ڌار ملاقاتون

ملاقاتن ۾ پاڪ ايران لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، توانائي توڙي رابطن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جون صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم سان ڌار ڌار ملاقاتون، ڀارت جي غير ذميواراڻن قدمن ۽ بيانن تي ڳڻتي ظاهر.

ملاقاتن ۾ پاڪ ايران لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، توانائي توڙي رابطن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته ڀارت جي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.

ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف ايراني شهر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان سموري صورتحال ۾ ذميواري کان ڪم ورتو آهي، ڀارت جو پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ قبولڻ جوڳو ناهي.

ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو معطل نٿو ڪري سگهجي. پنهنجو ڪيس هر فورم تي وڙهنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.