تازہ ترین

سنڌ اسيمبليءَ ۾ سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

پولنگ شام چئين وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، پولنگ شام چئين وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي.

سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان کي پولنگ اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو، سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 161 ميمبر ووٽ ڏيڻ جي اهل قرار.

ايوان ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو انگ  116 ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 36 ميمبر ووٽ جو حق استعمال ڪندا.

پيپلز پارٽي جي وقار مهدي ۽ ايم ڪيو ايم جي نگهت مرزا وچ ۾ مقابلو، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي سينيٽ اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪيون.

سينيٽ جي سيٽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.