تازہ ترین

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جيلن ۾ قائم شڪايتي سيل جو افتتاح ڪري ڇڏيو

جيلن ۾ قائم ڪيل شڪايتي سيل ۾ قيدين جي مسئلن بابت شڪايتون نوٽ ڪرائي سگهبيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جيلن ۾ قائم شڪايتي سيل جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

جيلن ۾ قائم ڪيل شڪايتي سيل ۾ قيدين جي مسئلن بابت شڪايتون نوٽ ڪرائي سگهبيون.

شڪايتي سيل جو عملو صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ڏنل نمبرز تي عوام جون جيلن بابت شڪايتون ٻڌندو.

جيل کاتي جي عملدارن کي شڪايت نوٽ ڪرائڻ لاءِ 3  پي ٽي سي ايل نمبر پڻ ڏنا ويا آهن.

صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ جو چوڻ هو ته شڪايتي سيل جو قائم ٿيڻ قيدين جا مسئلا فوري حل ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.

صوبائي وزير علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته عوامي شڪايتن جو بنا دير ۽ اثرائتي نموني حل ڪڍڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.