تازہ ترین

ڀارتي انتهاپسندن جي جنونيت سان ڀارتي نوجوان ناريءَ مهاڏو اٽڪائي ورتو

هندو ناريءَ پاران مسلمانن جا دڪان بچائڻ جي ڪوشش، ناري شهيلا نِگي کي انتهاپسندن جون ڌمڪيون

ممبئي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارتي انتهاپسندن جي جنونيت سان نوجوان ناريءَ مهاڏو اٽڪائي ورتو.

پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ، انتها پسندن پاران مسلمانن خلاف تشدد ۽ انتشار وڌڻ لڳو.

ذريعن موجب نيني تال ۾ انتها پسند هندن مسلمانن جي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڦرلٽ ڪندا رهيا ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻجي سڄي واقعي کي ڏسندي رهي.

هندستاني شهري شهيلا نِگي انتها پسندن جي ظلم خلاف آواز بلند ڪندي ميڙ آڏو پنهنجو موقف پيش ڪيو.

نوجوان ناريءَ دڪانن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، مسلمانن جي حمايت ڪرڻ تي شهيلا نِگي کي انتهاپسندن جون ڌمڪيون،

شهيلا نگي جو چوڻ آهي ته انتها پسند پهلگام ۾ پيش آيل واقعي کي فساد ڪرائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن.

شهيلا انتها پسندن مخاطب ٿيندي چيو ته، انتها پسندو! پنهنجي سوچ تي نظر وجهو، اها توهان جي سوچ آهي جيڪا توهان کي گهٽين تائين وٺي آئي آهي.

نوجوان ناري شهيلا  نگيءَ وڌيڪ چيو ته انتهاپسندن جو مقصد صرف مسلمانن کي نقصان پهچائڻ ۽ فساد ڪرائڻ آهي.

مون کي سچ ڳالهائڻ تي انتها پسندن کان ريپ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، مان نه ڊڄندس ڇو ته سچائي جي طاقت مون سان گڏ آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.