تازہ ترین

حيدرآباد ۾ انڌاري ۽ برسات کان بعد ڪالهه کان بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي

شهر جي 152 مان 132 فيڊرز تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي: حيسڪو عملدار

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ انڌاري ۽ برسات کان پوءِ ڪالهه کان بند ٿيل بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي.

حيسڪو عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته شهر جي 152 مان 132 فيڊرز تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، 20 فيڊرز تي بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي.

حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انڌاريءَ ۽ مينهن سبب ڪالهه شام 6 وڳي کان بجلي بند آهي، جنهن سبب شهرين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڏينهن جي وقت تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي.

شهر ۾ هوائون 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي سگهن ٿيون، هوا ۾ گهم جو تناسب 58 سيڪڙو آهي.

موسميات کاتي پاران چيو ويو آهي ته سڀاڻي ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.