تازہ ترین

ڄامشورو ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو

گذريل ڏينهن شورا ڳوٺ ۾ ڦورن دلدار گاڏهي جي ڪٻاڙ جي دڪان تي ڪاهه ڪئي هئي

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگري دم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ڀرسان شورا ڳوٺ واري علائقي ۾ ڦورن دلدار گاڏهي جي ڪٻاڙ جي دڪان تي ڪاهه ڪئي هئي.

ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گهر ٻاهريان بيٺل 8 ورهين جي سدره ڌيءُ شاهنواز نوحاڻي سخت زخمي ٿي پئي هئي.

زخمي نينگري سدره نوحاڻي کي لمس اسپتال آڻڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو.

جتي زخمن جا سور نه سهندي نينگري دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.