تازہ ترین

ڪئنالن واري مسئلي تي سياسي يتيم احتجاج نه پر جشن ملهائي رهيا هئا: بلاول ڀٽو زرداري

صدر زرداري کي نشانو بڻائي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: جلسي کي خطاب

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مخالفن تي ڇتي تنقيد، سندس چوڻ آهي ته ڪئنالن واري مسئلي تي سياسي يتيم احتجاج نه پر جشن ملهائي رهيا هئا.

ميرپورخاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر زرداري کي نشانو بڻائي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

صدر زرداري طئي ڪيو هو ته اسان نوان ڪئنال نه ٺهڻ ڏينداسين، اسان واعدو ڪيو هو ته ڪئنال نه ٺهڻ ڏينداسين ۽ اسان اُهو واعدو پورو ڪيو.

هن چيو ته سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي به چتاءُ ڏيندي چيائين ته مودي جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مودي سنڌو درياهه تي حملو ڪيو آهي، سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفو ختم نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته ڀارت حملو ڪيو ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو،سنڌو درياهه ۾ يا ته پاڻي وهندو يا هنن جو رت وهندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.