تازہ ترین

ڀارت ٻڌي ڇڏي ته اسان پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ ڄاڻون ٿا: مراد علي شاهه

ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ سڀ هڪ، سموري قوم پاڪ فوج گڏ بيٺل آهي

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارت ٻڌي ڇڏي ته اسان پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ ڄاڻون ٿا.

ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون،سموري قوم پاڪ فوج سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.

ميرپور خاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته دشمن ميري اک سان ڏٺو ته کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، جيستائين سنڌ جو عوام نه چاهيندو، سنڌو درياهه مان ڪو ڪئنال نه ٺهندو.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو،ڪئنالن واري منصوبي تي سازش ڪئي وئي ته پ پ وفاق سان مليل آهي پر پيپلزپارٽي پنهنجي جدوجهد سان مخالفن جا وات بند ڪري ڇڏيا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.