تازہ ترین

پي ايس ايل جا شوقين اڄ هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻن ميچن جو مزو وٺندا

شوقين اڄ شام جي ميچ جي لاءِ پهريان خريد ڪيل ان ئي ٽڪيٽ مان ڊبل هيڊر مان مزو ماڻيندا

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ سيزن 10 جي ميچ ۾ شوقين اڄ شام جي ميچ جي لاءِ پهريان خريد ڪيل هڪ ئي ٽڪيٽ مان ڊبل هيڊر مزو ماڻي سگھن ٿا.

پي ايس ايل سيزن 10 جي 20 هين ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جي وچ ۾ منجھند3:30 تي شروع ٿي، ان کان پوءِ رات جو 8:30 منٽن تي لاهور قلندرز جو مقابلو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي وچ ۾ ٿيندو.

شوقينن جي سهولتن لاءِ پي سي بيءَ هيٺ ڏنل انتظام ڪيا آهن، شوقينن کي اس کان بچائڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ ڇٽيون آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

سمورن انڪلوزر ۾ واٽر ڪولر دستياب هوندا جيئن شوقين ميچ دوران توانا رهن ۽ شوقينن کي چيو ويو آهي هو سڌو سنئون سج جي روشنيءَ کان بچڻ لاءِ هيٽ ۽ ڪيپ گڏ کڻي اچن.

شوقينن کي ٿڌو ۽ هائيڊريٽڊ رهڻ ۾ مدد لاءِ ليمونيڊ جا خاص اسٽال دستياب هوندا، ميڊيڪل ايڊوائزري ميچ جي ڏينهن صحت ۽ تندرستيءَ جي تحفظ لاءِ پي سي بيءَ کي ضروري هدايتون ڏنيون آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.