تازہ ترین

پاڻ کي گھڻو ٽٽل ڦٽل محسوس ڪري رهي آهيان: عليزي شاهه

سوشل ميڊيا تي تنقيد، ٽرولنگ ۽ ناڪاري رويي نه رڳو ذهني پر جسماني صحت کي به متاثر ڪيو آهي

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) مشهور اداڪارا عليزي شاهه چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي لاڳيتو تنقيد، ٽرولنگ ۽ ناڪاري روين نه رڳو ذهني پر جسماني صحت کي به متاثر ڪيو آهي.

هن انسٽاگرام تي نئين اسٽوري شيئر ڪندي چيو ته هوءَ ان حد تائين متاثر ٿي آهي جو نه رڳو ڊجيٽل پليٽ فارمز ڇڏي ڏنا آهن پر آسپاس جي ماڻهن کان به پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي.

عليزي شاهه چيو ته پاڻ کي ايتري قدر ٽٽل ڦٽل محسوس ڪري رهي آهيان جو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي.

عليزي شاهه ڪجھه ڏينهن اڳ انسٽا گرام تان پنهنجو سموريون تصويرو ڊليٽ ڪري سوشل ميڊيا کان پري ٿي وئي هئي.

هن سوشل ميڊيا تي لکيو ته”مان جيئري آهيان“ ان باوجود ڪجھه نيوز چينلز ان جي والدين سان رابطو ڪري پڇي رهيا آهن ته ڇا هوءَ وفات ڪري وئي آهي؟

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.