مارجي ويل دهشتگرد فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملي ۾ ملوث هئا
ڪيچ (نيشنل ڊيسڪ) ڪيچ واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملي ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي.