تازہ ترین

پ پ چيئرمين سان وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جي وزير جي ملاقات

ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شورو جي محنت جي واکاڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جي ملاقات.

اڳواڻن ۾ ملاقات دوران وڏي وزير پارٽي چيئرمين کي اجلاس بابت بريفنگ ڏني.

سيد مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري تڪراري ڪئنال بابت لاڳيتو رهنمائيءَ تي پارٽي چيئرمين جا ٿورا مڃيا.

ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير ۽ ڄام خان شورو جي محنت جي واکاڻ ڪئي.

چيائين ته توهان ٻنهي شخصيتن جي محنت رنگ لاتو آهي، توهان آئيني ادارن آڏو سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو.

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سي سي آءِ اجلاس جي ڪارروائي ۾ سنڌ جي موقف جي فتح ٿي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.