ملير ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران آصف مارجي ويو، اوٻاوڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مختلف علائقن ۾ ڌار وار واقعن ۾ عورت سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا.
ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ معمولي ڳالھه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان آصف پنهور مارجي ويو، وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو.
اوٻاوڙي ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ رند ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، جوابدار جيئل رند بندوق جو فائر ڪري گهرواري واڌل رند کي قتل ڪري ڇڏيو.
شھدادڪوٽ ويجهو هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، جهل مگسي واسي ليويز الطاف حسين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
ميرپورخاص ڀرسان زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، ڳوٺ لالو رانگڙ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان ميوو ۽ رانگڙ برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿي پيو.
ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي فائرنگ ۾ ظفر ميوو ۽ سڄڻ رانگڙ مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز.