تازہ ترین

پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال وارو منصوبو سي سي آءِ مان رد ڪرائي ڇڏيو

چولستان ڪئنال لاءِ 17 جنوري 2024ع  تي پاڻي دستيابي  واري جاري ڪيل اين او سي پڻ رد

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال وارو منصوبو سي سي آءِ مان رد ڪرائي ڇڏيو، ايڪنڪ، چولستان ۽ چوبارا ڪئنال  ختم ڪرڻ جي  به منظوري ڏئي ڇڏي.

چولستان ڪئنال لاءِ 17 جنوري 2024ع  تي پاڻي دستيابي  واري جاري ڪيل اين او سي پڻ رد ڪئي وئي.

سي سي آءِ جي پڌرائي موجب هاڻي پاڻي جي ڪا به اسڪيم خاص طور ڪئنال صوبن جي  راضپي کان سواءِ  نه ٺهندا.

صوبن جي اتفاق راءِ کان سواءِ ڪئنالن واري معاملي تي وفاقي حڪومت اڳتي نه وڌندي.

خواجه آصف جو چوڻ آهي ته نٿا چاهيون ته پاڻي مسئلي تي قومي اختلاف پيدا ٿئي.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  چوي ٿو ته سي سي آءِ جو فيصلو بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.

آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ آهي ته صوبن جي راضپي کان سواءِ ڪئنال نه ٺهندا، سنڌ سرڪار کي ڪاميابي ملي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.