تازہ ترین

ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، اسان جي وڏڙن پاڪستان جي قيام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون: آرمي چيف

ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پروپئگنڊا ڪئي، ٻه قومي نظريو هميشه کان پاڪستان جي وجود جو بنياد رهيو آهي: خطاب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، اسان جي وڏڙن پاڪستان جي قيام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.

راولپنڊي ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان جي وڏڙن ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي.

هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پروپئگنڊا ذريعي تاريخ نٿي مڙهي سگهي، ٻه قومي نظريو هميشه کان پاڪستان جي وجود جو بنياد رهيو آهي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ٻه قومي نظريي تي ڪنهن به پاڪستاني کي ڪو شڪ ناهي، اسان جو مذهب، رسمون، سوچ ۽  عزم، هندن کان مختلف آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.