تازہ ترین

پاڻي روڪڻ جي هر ڪوشش جو قومي طاقت سان جواب ڏبو، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم

پاڪستان هميشه دهشتگردي جي مذمت ڪئي، ان جي خاتمي لاءِ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون: تقريب کي خطاب

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي.

راولپنڊي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون.

سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان عالمي امن جي قيام لاءِ پنهنجي ذميواري کان آگاهه آهي.

وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر مطابق پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندا رهنداسين، افغانستان سان لاڳاپن جي حوالي سان اسحاق ڊار ڪابل جو دورو ڪيو.

افغانستان سان پرامن ۽ مستحڪم لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان حڪومت فتنه الخوارجين هٿان پنهنجي سرزمين جو استعمال روڪي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪشمير عالمي سطح تي تڪراري علائقو آهي، ڪشميري عوام کي حق خوداراديت ڏيڻي پوندي.

پاڪستان هميشه هر قسم جي مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون.

وزيراعظم چيو ته پاڙيسري ملڪ بنا ثبوتن جي پاڪستان تي الزام لڳايا، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي.

هن چيو ته پهلگام واقعي تي بي بيناد الزام لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پاڪستان پهلگام واقعي تي اڻ ڌري جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي.

وزيراعظم موجب پاڻي اسان جي لائيف لائن آهي، ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جو هر صورت ۾ تحفظ ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڻي روڪڻ جي هر ڪوشش جو قومي طاقت سان جواب ڏينداسين، امن اسان جي خواهش آهي پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.