ڀارتي ايئر فورس پنهنجي ملڪ ۾ ئي بم ڪيرائي ڇڏيا، عام آبادي ۽ ملڪيتن کي نقصان
مڌيا پرديش (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پهلگام فالس فليگ آپريشن جي ناڪامي بعد ڀارتي هوائي فوج وائڙائپ جو شڪار، ڀارتي هوائي فوج پنهنجي ئي عوام جو دشمن بڻجي وئي.
ڀارتي هوائي فوج جي ويڙهاڪ جهاز پنهنجي ئي آبادي ۾ بم ڪيرائي ڇڏيا، واقعو ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي علائقي شيو پوري ۾ پيش آيو.
ڀارت جي ايئر فورس پنهنجي ملڪ ۾ ئي بم ڪيرائي ڇڏيا، بم ڪيرائڻ سان آبادي ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو، ڪيترائي گهر تباهه، ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته واقعو ڀارت جي غيرذميواري ۽ وائڙائپ کي ظاهر ڪري ٿو.