تازہ ترین

ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاهدو ٿي چُڪو ته صوبن جي مرضي کان سواءِ ڪئنال نه ٺهندا: بلاول ڀٽو زرداري

سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنال منصوبو رد ٿيندو، سنڌ جي عوام جي مدد سان پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب وياسين: جلسي کي خطاب

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاهدو ٿي چُڪو آهي، طئي ٿي ويو آهي ته صوبن جي مرضي کان سواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو.

سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنال منصوبي کي رد ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام جي مدد سان اسان پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سکر ۾ جشن سنڌو جي عنوان سان منعقد جلسي کي خطاب.

هن ڀارتي وزيراعظم کي للڪاريندي چيو ته مودي ٻڌي ڇڏ ته سنڌو اسان جو آهي، سنڌو ۾ يا ته اسان جو پاڻي وهندو يا توهان جو رت، اسان سنڌو درياهه جا محافظ ۽ وارث آهيون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.