تازہ ترین

ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جي سڏ تي نائين ڏهاڙي به ڌرڻو

مختلف قومپرست، سياسي، سماجي ڌرين ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

سکر (ويب ڊيسڪ) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيلن جي سڏ تي نائين ڏهاڙي به ڌرڻو جاري.

مختلف قومپرست، سياسي سماجي ڌرين ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿيل.

ملير بار جي وڪيلن جو قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو پنجين ڏينھن به جاري، ڌرڻي ۾ وڪيل برادري، سول سوسائٽي ،سياسي سماجي، قوم پرست جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت.

اوٻاوڙو ڀرسان سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ ٽئين ڏينهن به وڪيلن جو ڌرڻو جاري.

ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته هي وقت ويهڻ جو ناهي، سنڌ جو عوام گهرن ۾ ويهڻ بدران ڌرڻي ۾ پهچي.

اسان جو عظيم مقصد آهي، سڀ سنڌ ۽ سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون.

پوليس مختلف هنڌن تي ڌرڻن ۾ رنڊڪون وجهي پئي، پوليس نه مڙي ته سنڌ جي هر گهر گهٽي ۾ ڌرڻو لڳندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.