تازہ ترین

جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين جي حق ۾شٽربند هڙتال، ريليون ۽ مظاهرا

مدئجي، نندو، تلهار، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال، ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف شٽربند هڙتال، ريليون، ۽ مظاهرا.

مدئجي ۾ فلسطينين سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي ظلمن خلاف شٽربند ھڙتال، مارڪيٽون ۽ ڪاروباري مرڪز بند.

نندي ۾ واپاري اتحاد طرفان فلسطين جي حق ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ننڍو وڏو ڪاروبار مڪمل بند.

تلهار ۾ به جماعت اسلامي جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ٺل ۾ غزا تي اسرائيلي جارحيت توڙي سنڌ طاس معاھدي جي معطلي خلاف شٽربند ھڙتال.

عمرڪوٽ ۾ به فلسطينن سان اظهار يڪجهتي لاءِ شٽربند هڙتال، اسڪول بند،

اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي دنيا فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، فلسطينين جي نسل ڪشي روڪي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.