تازہ ترین

وزيراعظم دير سان سهي پر سمجهي ويو ته سنڌ، سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ڪڍڻ نه ڏيندي: سعيد غني

پاڪستان پيپلزپارٽي جو پهريون ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته تڪراري ڪئنال ختم ڪيا وڃن: صوبائي وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وزيراعظم دير سان سهي پر سمجهي ويو ته سنڌ، سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ڪڍڻ نه ڏيندي.

صوبائي وزير سعيد غني ايڪسپو سينٽر ايگا پاڪستان 2025ع جي افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان جي درياهه جي پاڻي کي ڪير روڪي نٿو سگهي.

دنيا شاهد آهي ته سنڌو جو پاڻي اسان جو پاڻي آهي، پيپلزپارٽي جو پهريون ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته تڪراري ڪئنال ختم ڪيا وڃن.

سعيد غنيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت تحقيق ڪرڻ بدران سمورا الزام پاڪستان تي مڙهي ڇڏيا جيڪو عمل درست ناهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.