تازہ ترین

سنڌطاس معاهدي جي معطلي، ڀارت جو غير ذميواراڻو  قدم آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڀارت فالس فليگ آپريشنز ذريعي ڌيان هٽائيندو رهيو آهي: سينيئر صوبائي وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌطاس معاهدي جي معطلي، ڀارت جو غير ذميواراڻو  قدم آهي.

معاهدو معطل ڪرڻ علائقائي امن لاءِ وڏو خطرو ۽ جنگ جو اشارو آهي، معاهدي جي معطلي عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشنز ذريعي ڌيان هٽائيندو رهيو آهي.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي مذمت ڪندي چيوته پهلگام ۾ وري ساڳيو پراڻو ناٽڪ ورجائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اي پي ايس سانحو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت قربانين جا مثال آهن.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي قدم اخلاقي ڏيوالي جو ثبوت آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.