نريندر مودي جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس بعد ڀارت جو پاڪستانين لاءِ سارڪ تحت ويزا بند ڪرڻ جو فيصلو
ممبئي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ ۽ اٽاري چيڪ پوسٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس بعد ڀارت جو پاڪستانين لاءِ سارڪ تحت ويزا بند ڪرڻ جو فيصلو.
ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم، پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ سمورن دفاعي، فوجي، سامونڊي ۽ هوائي مشيرن کي به ناپسنديده قرار ڏئي ڏيهه نيڪالي.
ڀارتي فوجي نمائندن کي پاڪستان مان واپس گهرائڻ جو اعلان.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ موجود ڀارتي شهري پهرين مئي تائين اٽاري چيڪ پوسٽ رستي واپس اچي سگهن ٿا.