تازہ ترین

صدر کي ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي: چوڌري منظور

صدر پارلياماني بل ۽ آرڊيننس جي منظوري ڏيندو آهي، وٽس انتظامي ڪم جي منظوري جو اختيار ئي نه آهي: نديم افضل چن

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته صدر کي ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي.

صدر پارلياماني بل ۽ آرڊيننس جي منظوري ڏيندو آهي، وٽس انتظامي ڪم جي منظوري جو اختيار ئي نه آهي.

پ پ پ اڳواڻ چوڌري منظور ۽ نديم افضل چن جي اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  مريم نواز ٻڌائي ڪهڙو ڪئنال بند ڪري چولستان کي پاڻي ڏنو ويندو؟

هنن چيو ته آبي ماهر منصوبي کي عمل نه ٿيڻ جوڳو قرار ڏين پيا، پنجاب حڪومت صوبي جي آبادگارن سان ظلم ڪري رهي آهي،

سندن چوڻ هو ته ن ليگ پنجاب جون اربين رپين جون زميون وڪرو ڪيون، زمينون وڪرو ڪندڙ پاڻ کي پنجاب جا وارث چون پيا.

هي ضياءَ جا وارث ته ٿي سگهن ٿا پر پنجاب جا نه، پنجاب حڪومت بنيادي صحت مرڪزن مرمت ڪرائي خانگائي پئي.

پ پ اڳواڻن چوڌري منظور ۽ نڊيم افضل چن چيو ته سنڌ کان حساب گهرندڙ پنجاب ۾ سنڌ جهڙو صحت جو نظام ڏيکارين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.