وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءَ الله ڪئنال معاملو حل ڪري سنڌ جا روڊ کولرائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو
اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءَ الله ڪئنال معاملو حل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو.
راڻا ثناءُ الله جا زين شاهه، راشد محمود سومرو، اياز لطيف پليجو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو سان فون تي رابطو، معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته وزيراعظم اوهان سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، اوهان مختلف ڌرين جي نمائندن جو وفد ٺاهيو، وزيراعظم معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو.
اياز لطيف پليجي چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني آهي، اوهان فورن ڪئنال رٿا جو فيصلو واپس وٺندا ته مسئلو حل ٿي ويندو.
ايس يو پي صدر زين شاهه وڪيل برادري ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو. سرفراز ميتلي چيو ته اڄ رات تائين ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ميمبرن جو اعلان ڪيو ويندو، اميد آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڳالهيون شروع ٿي وينديون.