تازہ ترین

پ پ مخالف آصف علي زرداري تي الزام ھڻندي نه ٿا ٿڪجن: نثار کهڙو

صدر آصف علي زرداري اجلاس ۾ ضرور ويٺل هو پر هُن ڪئنالن جي منظوري ناهي ڏني: پريس ڪانفرنس

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارتي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ مخالف آصف علي زرداري تي الزام ھڻندي نه ٿا ٿڪجن.

وساڻ هائوس خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته صدر اجلاس ۾ ضرور ويٺو هو پر هُن ڪئنالن جي منظوري ناهي ڏني.

هن چيو ته ڪئنال پنجاب حڪومت ٺاهي رهي آهي پر مريم نواز جو ڪو نالو نٿو کڻي، رڳو آصف علي زرداري تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته ڪئنالن کي بند ڪرائڻ لاءِ جدوجهد اڃا تيز ڪنداسين،25  اپريل تي احتجاج ڪري وفاق تي اڃا وڌيڪ زور ڀرينداسين.

نثار احمد کهڙو وڌيڪ چيو ته اسان کي ڳالهين لاءِ اشارا ملي رھيا آھن پر عملي طور ڳالھين لاءِ اڃا آڇ ناھي ڪئي وئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.