تازہ ترین

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ۾ عوامي هلچل، واهڻ وستي احتجاج، مک روڊن تي ڌرڻا لڳل

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري، انڊس هاءِ وي بند، گاڏين جون قطارون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ۾ عوامي هلچل، واهڻ وستي احتجاج، مک روڊن تي ڌرڻا لڳل، هر پاسي ڪئنال نامنظور نعرن جِي گونج.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري، انڊس هاءِ وي بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ڀرياروڊ ۾ ڪئنال رٿا خلاف شٽربند ھڙتال، ڊکڻ ۾ سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اسڪولي ٻارڙا توڙي شهري رستن تي نڪري آيا، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو.

شيخ ڀرڪيو ۾ شاگرد اتحاد پاران ڊگھه موري تي سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف  مظاهرو.

 ڇني ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻھو پنهنجي زمين، پاڻي ۽ وسيلن تي ڪنهن به قسم جي والار برداشت نه ڪندا.

اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي جياپي سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي سنڌ واسين جي جيئڻ جو به حق کسي پيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.