سنڌ جي پاڻي حصي ۾ 45 هزار ڪيوسڪ واڌ، پنجاب جو حصو 64 هزار 800 ڪيوسڪ ميٽر وڌايو ويو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ برف ڳرڻ کان پوءِ پاڻيءَ جي صورتحال ۾ بهتري، صوبن لاءِ پاڻي ڪٽوتي 43 سيڪڙو مان گهٽائي 27 سيڪڙو ڪئي وئي.
ارسا چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي حصي ۾ 45 هزار ڪيوسڪ واڌ ڪئي وئي آهي، پنجاب جو پاڻي حصو 64 هزار 800 ڪيوسڪ سينٽي ميٽر وڌايو ويو.
بلوچستان لاءِ پاڻي 5 سئو ڪيوسڪ ۽ ڪي پي لاءِ پاڻي جي مقدار ۾ 19 سئو ڪيوسڪ واڌ ڪئي وئي آهي.
ارسا دعويٰ ڪئي آهي ته صوبن وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، صوبن کي پنهنجي مقرر ڪيل حصي تحت پاڻي ڏنو پيو وڃي.