پاڪ آرمي ٽيم اسپرٽ چيمپين شپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خاص مهمان طور شرڪت
کاريان (نيشنل ڊيسڪ) کاريان ڇانوڻي ۾ اٺين پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ چيمپين شپ منعقد، پڄاڻي واري تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خاص مهمان طور شرڪت.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيمپين شپ 14 اپريل کان 18 اپريل تائين ٿي، مشقن جو مقصد جديد تجربن ذريعي جنگي مهارت کي اڳتي وڌائڻ هو.
آرمي ٽيم اسپرٽ چيمپين شپ ۾ بنگلاديش، مصر، جرمني، ڪينيا ۽ ٿائلينڊ جي نمائندن مشقن جو جائزو ورتو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران چيمپئن شپ ۾ شريڪ ٽيمن جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته اهڙيون مشقون جنگ جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ ٽيم جي جذبي کي هٿي ڏينديون آهن.
جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سندن شجاعت تي کيس فخر آهي.