تازہ ترین

ڪانگو ۾ ٻيڙيءَ کي باهه لڳڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 148 ٿي ويو

ٻيڙي ٻڏڻ سبب سوين ماڻهو گم ٿي ويا، حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙيءَ ۾ 5 سئو ماڻهو سوار هئا

ڪانگو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ ٻيڙيءَ کي باهه لڳڻ سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 148 ٿي ويو.

ٻيڙي ٻڏڻ سبب سوين ماڻهو گم ٿي ويا، ڪانگو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪاٺ جي ٺهيل ٻيڙي باهه لڳڻ سبب ڪانگو درياءَ ۾ ٻڏي وئي هئي.

ٻيڙيءَ کي باهه لڳڻ واري واقعي کان پوءِ ڪانگو اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڄاڻايل ٻيڙيءِ ۾ 5 سئو کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، جن سان حادثو پيش آيو.

اختيارين جو چوڻ هو ته ٻڏي ويل ٻيڙيءَ ۾ سوار مسافرن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي، هن وقت تائين مليل لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.