قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ روينيو وڌايو وڃي: تقريب کي خطاب
اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته روينيو نه وڌايو ويو ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ڏکيو ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ روينيو وڌايو وڃي، کربين رپين جي ٽئڪس جا ڪيس عدالتن ۾ موجود آهن.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي قرض وٺي رهيا آهيون ته ٻئي پاسي ڪيس دير جو شڪار آهن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪي تي موجود قرضن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هدفن تي تيزيءَ سان اڳڀرائي يقيني بڻائڻي پوندي.