طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ 5 لک هٿيار گم ٿي ويا هئا، گم ٿيل آمريڪي هٿيار دهشتگرد گروپن کي وڪرو ڪيا
لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانيا جي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته افغان طالبان آمريڪي فوج ڇڏيل 5 لک هٿيار دهشتگردن کي وڪرو ڪري ڇڏيا.
برطانوي ميڊيا موجب طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ 5 لک هٿيار گم ٿي ويا هئا، گم ٿيل آمريڪي هٿيار دهشتگرد گروپن کي وڪرو يا اسمگل ڪيا ويا.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار القاعده سان لاڳاپيل تنظيمن ڏانهن ويا.
القاعده سان لاڳاپيل تنظيمن کي افغانستان ۾ آمريڪي هٿيارن تائين رسائي حاصل آهي.