ڪراچي بار صدر عامر نواز وڙائچ وڪيلن جي ڌرڻي واري هنڌ پهتو، شاندار آجيان
ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اڄ وڪيلن جو ڌرڻو.
ڪراچي بار صدر عامر نواز وڙائچ وڪيلن سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، شاندار آجيان، گلن جي ورکا، ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا.
هنڱورجا ۾ به وڪيلن جو قافلو پهچڻ تي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن سان سندن آجيان ڪئي وئي، جي يو آءِ پاران وڪيلن جي حمايت جو اعلان.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڪيلن جي ڌرڻي ۾ جي يو آءِ پاران ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.
وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ تائين اسان جو لڳل ڌرڻو جاري رهندو.