اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جي ڪوٽا ٻيڻي ڪئي وئي آهي، منصوبن جي مخالفت ڪندڙ ننڍي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ حڪومت ۽ پاڪ فوج جو ويزن آهي.
اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جي ڪوٽا ٻيڻي ڪئي وئي آهي، منصوبن جي مخالفت ڪندڙ ننڍي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.
وزير اعظم شهباز شريف جو اسلام آباد ۾ جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿرکڻ واري تقريب کي خطاب.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته معاشي استحڪام گڏيل ڪاوش جو نتيجو آهي، فچ پاڪستاني معيشت جي آئوٽ لڪ کي بهتر قرار ڏنو آهي.
معيشت جي بهتري کانپوءِ ملڪ ترقي جي دڳ تي هلي پيو، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ناهي ڪئي، پيٽرول اگهن ۾ لاٿ نه ڪرڻ جو فائدو بلوچستان کي ڏينداسين.