ملڪ کي ڏنڊي جي زور تي نٿو هلائي سگهجي، پاڪستان تي حڪومتون مڙهيون ويون: ڳالهيون
لاهور (نيشنل ڊيسڪ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين لاءِ تيار آهي.
ملڪ کي ڏنڊي جي زور تي نٿو هلائي سگهجي، پاڪستان تي حڪومتون مڙهيون ويون، ملڪ کي تباهه ڪيو ويو.
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جون لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خودمختيار ۽ آزاد رياست جا خواهشمند آهيون.
2024ع ۾ اليڪشن دوران بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پاڪستان قرضن ۾ ٻڏي ويو آهي، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهر نڪرنداسين ۽ انقلاب آڻينداسين.