تازہ ترین

ورڪس اينڊ سروسز ۽ جلي کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري جي صدارت ۾ اهم گڏجاڻي

صوبائي وزير شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن سان اهم گڏجاڻي ڪئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري جِي شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن سان اهم گڏجاڻي.

صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز علي حسن زرداري کي شهيد بينظير آباد ڊويزن جي سڀني منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي.

صوبائي وزير علي حسن زرداري جي ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڏن منصوبن کي ترت مڪمل ڪرڻ جي هدايت.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي، سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا.

هن چيو ته صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ تعمير هيٺ منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن.

صوبائي وزير علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني تعمير هيٺ منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.