ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، هنگري جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ هنگري وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي ملي رهي آهي.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، هنگري جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي هنگري جَي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
هنگري جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغان سرزمين تان دهشتگردي تي ڳڻتي آهي، عالمي سياسي معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف ساڳيو آهي.
پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ هنگري وچ ۾ مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون به ڪيون ويون.