تازہ ترین

ڪراچي ۽ سکر جي ڊرائيونگ لائسنس برانچ جا 22 اهلڪار رشوت عيوض لائسنس ٺاهي ڏيڻ تي معطل

لائسنس برانچ ڪلفٽن، سعود آباد، ملير، سعيد آباد ۽ سکر ۾  غير تربيت يافتا ماڻهن کي پئسن عيوض ڊرائيونگ لائسنس ٺاھي ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ سکر جي ڊرائيونگ لائسنس برانچ جا 22 اهلڪار رشوت عيوض لائسنس ٺاهي ڏيڻ تي معطل ۽ بي ڪمپني حوالي.

لائسنس برانچ ڪلفٽن، سعود آباد، ملير، سعيد آباد ۽ سکر ۾  غير تربيت يافتا ماڻهن کي پئسن عيوض ڊرائيونگ لائسنس ٺاھي ڏيڻ جو انڪشاف.

معطل ٿيل اهلڪارن ۾ انسپيڪٽرمظھر بلوچ، ليڊي انسپيڪٽر رک تاج، ايس آءِ پي اقبال صابر، محمد علي سومرو، بشير پيرزاده ۽ ٻيا شامل.

آءِ جي سنڌ پاران لائسنس برانچ  ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي.

آءِ جي سنڌ 22 اھلڪارن کي معطل ڪرڻ بعد ايس ايس پي ٽريفڪ ڏکڻ سھائي عزيز  ٽالپر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.